سنجي سفيد

سنجي سفيد

سنجي سفيد

سنجي سفيد (Melilotuss alba/ White Sweet clover): هن گاهه کي سنڌيءَ ۾ ’سنجهه گاهه‘ سڏيو ويندو آهي. هي گاهه يورپ ۾ 1800ع ۾ جانورن لاءِ پوکيو ويندو هو. انهيءَ کانپوءِ ڪئناڊا ۽ آمريڪا کانسواءِ دنيا جي ڪيترين ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويو. هي گاهه ڪڻڪ ۽ مختلف دالين جي فصلن ۾ ٿئي ٿو. هي گاهه 5 ملي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي. حڪيم هن گاهه کي انسان جي جسم جي سور لاءِ مفيد سمجهن ٿا. هن گاهه ۾ نائٽروجن، فاسفورس، پوٽاشيم ۽ ڪئلشيم جهڙا ڪيميائي جزا ٿين ٿا. سنڌ ۾ هن گاهه جي هيڊن گلن واري جنس عام آهي ۽ ڪڻڪ جي فصل دوران عام ٿيندي آهي. سنجهه جي به لوڻڪ ۽ مليري وانگر ڀاڄي ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو